جلال الدين شاهه

جلال الدين شاهه: هيءُ موري تعلقي جو مشهور استاد ۽ حڪيم ٿي گذريو آهي. سندس والد جو نالو امام علي شاهه هو، جيڪو وقت جي صوفي شاعر سعيد علي شاهه ’خادم‘ جو سئوٽ هو. سعيد علي شاهه خادم جو فرزند راشد مورائي سنڌ جو نامور شاعر آهي. سيد جلال الدين شاهه ڳوٺ جوڻالي، تعلقي موري ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم چنيجن مان حاصل ڪيائين ۽ مئٽرڪ مدرسي هاءِ اسڪول نوشهري فيروز مان پاس ڪيائين. سندس استاد طور پهرين مقرري هاءِ اسڪول ميرپورخاص ۾ ٿي، جتي 9 سالن تائين محنت سان پڙهايائين ۽ وڏو نالو ڪڍيائين. ان کان پوءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نوشهري فيروز ۾ استاد مقرر ٿيو. تعلقي ڪنڊياري جو سپروائيزر تعليم مقرر ٿيو. ورهاڱي کان پوءِ هاءِ اسڪول ڪنڊياري جو هيڊماستر ٿيو. ان بعد ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سکر ٿيو. ڪجهه عرصي کان پوءِ ٽريننگ ڪاليج سکر جو پرنسپال، جيڪب آباد جو ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر، ٽريننگ ڪاليج مٺياڻيءَ جو 7 سالن تائين پرنسپال رهيو. سانگهڙ جو ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ۽ ان کانپوءِ ٽريننگ ڪاليج سڪرنڊ جو پرنسپال ٿيو ۽ هن اداري سڄيءَ سنڌ ۾ استادن جي ٽريننگ جو بهتر مرڪز بنائڻ ۾ سيد جلال الدين شاهه جو هٿ آهي، هن ئي اداري مان 1960ع ۾ رٽائر ڪيائين. سيد جلال الدين شاهه پنهنجي دور جو بهترين استاد ۽ منتظم هو. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ حڪمت جو ڌنڌو اختيار ڪيائين ۽ حڪيم جلال الدين شاهه جي نالي سان مشهور ٿيو. ڪجهه عرصو نوشهري فيروز ۾ دواخانو هلايائين، ان بعد نوابشاهه ۾ اچي مستقل رهائش پذير ٿيو، جتي سندس حڪمت جي ڌنڌي وڏي ترقي ڪئي ۽ پنهنجي وقت جو بهترين يوناني حڪيم ليکجڻ لڳو. هن اولاد کي اعليٰ تعليم ڏياري، سندس هڪ فرزند ڊاڪٽر علي ارشد شاهه ضلعي نوشهري فيروز جو ميڊيڪل آفيسر آهي. ٻيو فرزند سيد جمال مصطفيٰ شاهه راولپنڊيءَ ۾ روينيو آفيسر آهي. سندس هڪ نياڻي ڪلثوم شاهه سنڌيءَ ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪئي آهي. سندس پي. ايڇ. ڊي جو مقالو ’شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ استعارن ۽ تشبيهن جو استعمال‘ جي عنوان سان لکيل آهي، جيڪو شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.
سيد جلال الدين شاهه اولاد ۾ به پنهنجون خصلتون وديعت ڪيون آهن، منجھن علم ادب لاءِ چاهه ۽ انتظامي صلاحيتون موجود آهن .


لفظ جلال الدين شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو